پير سرهندين جي لائبرري

پير سرهندين جي لائبرري: مٽياري شهر ۾ ’پير سرهندين جي لائبرريپير آقا غلام مجدد رح جي محنت جو نتيجو هئي . هن لائبرري ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌي ، فارسي ۽ عربي ڪتاب ڇپيل ۽ قلمي صورت ۾ موجود هوندا هئا . هن لائبرريءَ کي ڪامياب ۽ مطالعي لائق بنائڻ لاءِ پير آقا غلام مجدد رح جڏهن حج تي ويو هو ته اتان هڪ لک رپين جا ڪتاب وٺي آيو هو . هن لائبرريءَ ۾ هزارين ڪتاب موجود هوندا هئا ، پر پير آقا غلام مجدد جي وفات بعد لائبرري آهستي آهستي ختم ٿيندي وئي . انهن ڪتابن مان ڪجهه ڪتاب موجوده سجاده نشين پير غلام مجدد وٽ موجود آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو